درد ۾ دلجوئي

درد ۾ دلجوئي

درد ۾ دلجوئي

درد ۾ دلجوئي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي مزاحمتي ۽ قومي شاعر، راشد مورائيءَ جي غزلن تي مشتمل آهي. هن کان اڳ سندس چار شعري مجموعا: ’مينديءَ سندا کيت‘، ’درد جو شهر‘، ’ديوان راشد‘، ’شعلا شعلا واءُ ۾‘ ڇپجي چڪا آهن، ۽ هيءُ سندس پنجون شعري ڪتاب آهي. راشد جي شاعريءَ ۾ سڄڻ ۽ ساڻيهه، سونهن ۽ سنڌ جي چاهت جو تذڪرو موجود آهي. سندس غزل توڙي ٻي شاعري، موجوده دور ۾ مرده دلين ۾ محبت جو روح ڦوڪيندي رهي ٿي. هن ڪتاب جو مهاڳ پروفيسر اصغر ڀريائيءَ لکيو آهي. راشد مورائيءَ جي غزلن جو هيءُ ڪتاب ڊيمي سائيز جي 215 صفحن تي مشتمل آهي. سنڌ دوست فورم جي دوست، انجنيئر اصغر علي ٻرڙي هي ڪتاب نومبر 2011ع ۾ ڇپايو آهي ۽ ان جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو